آخوند
ڏيک
![آخوند](http://chped.net/https/upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/f/fb/Mufti%2C_Akhoond%2C_Clergy%2C_Mullah_%D8%B9%DA%A9%D8%B3_%D8%B7%D9%84%D8%A8%D9%87_%D9%87%D8%A7%DB%8C_%D9%85%D8%AF%D8%B1%D8%B3%D9%87_%D8%B9%D9%84%D9%85%DB%8C%D9%87_%D8%A7%D8%A8%D8%A7%D8%B5%D8%A7%D9%84%D8%AD_%D9%82%D9%85.jpg/220px-Mufti%2C_Akhoond%2C_Clergy%2C_Mullah_%D8%B9%DA%A9%D8%B3_%D8%B7%D9%84%D8%A8%D9%87_%D9%87%D8%A7%DB%8C_%D9%85%D8%AF%D8%B1%D8%B3%D9%87_%D8%B9%D9%84%D9%85%DB%8C%D9%87_%D8%A7%D8%A8%D8%A7%D8%B5%D8%A7%D9%84%D8%AD_%D9%82%D9%85.jpg)
مذهبي تعليم ڏيندڙ، معلم، استاد، فقهي ۽ مولويءَ جو لقب، نالو. آخوند مدرسن يا ديني ادارن ۾ پڙهائيندڙ استاد هوندو آهي. سنڌ ۾ خاص ڪري آخوند اهڙي استاد کي چئبو آهي، جيڪو قرآن شريف جي ۽ ٻي ديني تعليم ڏئي. آخوند لاءِ به پرهيزگار، نيڪ، متقي، صاف ڪردار ۽ دين جي باري ۾ ڄاڻ رکڻ ضروري آهي.[1]