مواد ڏانھن هلو

آشا پاريک

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Asha Parekh
پيدائش آڪٽوبر 1942 (عمر 81 سال)
ممبئي, بمبئي پریزیڊنسي, برٽش انڊيا جي صوبي جا علائقا
(ھاڻيممبئي, مھاراشٽر, ڀارت)
پيشو اداڪاره، پروڊيوسر ، ڊانسر
سَرگَرمُ سالَ 1952–present

آشا پاريک Asha Parekh بالي ووڊ جي ھڪ مشھور اداڪاره جو نالو جنھن بمبئي فلم انڊسٽري ۾ وڏو نالو ڪمايو.

احوال زندگي[سنواريو]

گجراتي خاندان جي آشا 2 آڪٽوبر 1942 ۾ ھڪ بوھري مسلمان اداڪارہ سڌا آڪا سلمي پاريک ۽ بچو ڀائي پاريک جي گھر ۾ پيدا ٿي .سندس ماءُ کيس ڪلاسيڪل ڊانس جي سکيا ڏياري . پنڊت بنسي لال ڀارتي پڻ ھن جو استاد رهيو. ھيء چائلڊ اسٽار جي حيثيت سان فلمن ۾ داخل ٿي . سندس پھرين فلم ھدايتڪار بمل راء جي 1952 ۾ رليز ٿيندڙ فلم ماں ھئي جنھن ۾ ھيء ڏھن سالن جي ڇوڪري ھئي. 1959 ۾ سورھن سالن جي عمر ۾ فلم دل دے کے دیکھو ۾ بطور ھيروئن شمي ڪپور سان ڪاسٽ ٿي ۽ ان فلم سان ھيء سپر اسٽار ٿي وئي ۽ ھن ڪيترائي سال فلم انڊسٽري تي راڄ ڪيو.

آشا پاريک پنھنجي 70وين سالگره تي ارنا ايراني ۽ سشميتا سين سان گڏ

پارک شادي ڪانہ ڪئي. ھن وقت پنھنجي ڪارا ڀون Kara Bhavan ڊانس اڪيڊمي سنڀالي رھي آھي. فلاحي ڪمن جي ڪري بمبئي جي سانتا ڪروز علائقي ۾ ھڪ اسپتال کي ھن جو نالو ڏنو ويو آهي.

فلمون[سنواريو]

  • ماں (1952)
  • آسمان(1952)
  • ڌوبي ڊاڪٽر(1954)
  • باپ بیٽي(1954)
  • شري چیتنیا مھا پرڀو(1954)
  • ایوڌیاپتي(1956)
  • استاد(1957)
  • آشا(1957)
  • دل دي ڪي دیکو(1959)
  • ھم ھندوستاني(1960)
  • گھونگھٽ(1960)
  • جب پیار کسي سي ھوتا ھي(1961)
  • گھرانہ(1961)
  • ڇایا(1961)
  • اپنا بناڪي دیکو(1962)
  • ڦر وھي دل لایا ھون(1963)
  • میري صورت تیري آنکین (1963)
  • بن بادل برسات(1963)
  • ڀروسہ(1963)
  • اکنڊ سوڀاگیاوتي(1963)(بھترين اداڪاره جو گجرات اسٽيٽ ايوارڊ)
  • ضدي(1964)
  • میرے صنم(1965,)
  • تیسري منزل(1966)
  • لو ان ٽوڪیو(1966)
  • دو بدن(1966)
  • آئے دن بہارِ کے(1966)
  • اپڪار(1967)
  • بھارون ڪي سپني(1967)
  • شڪار(1968)
  • ڪھين اور چل(1968)
  • ڪنیادان(1968)
  • ساجن(1969)
  • پیار ڪا موسم(1969)
  • محل(1969)
  • چراغ(1969)
  • آیا ساون جھوم ڪي(1969)
  • پگلا ڪھين ڪا(1970)
  • نیا راستہ(1970)
  • ڪڻڪان دي اولي(1970)
  • ڀائي ڀائي(1970)
  • آں ملو سجناں(1970)
  • ڪٽي پتنگ(1971)(فلم فيئر بيسٽ ايڪٽريس ايوارڊ)
  • میرا گاؤں میرا دیش،(1971)
  • جوالا(1971)
  • جواں محبت(1971)
  • ڪارواں(1971)
  • نادان (1971)
  • سماڌی(197)
  • راکي اور ھٿڪڙي(1972)
  • ھیرا(1973)
  • انجان راھیں()1974
  • راني اور لال پري(1975)
  • زخمی(1975)
  • اڌار کا سندور(1976)
  • ڪلواڌو(1977)
  • آڌا دن آڌي رات(1977)
  • میں تلسي تیري آنگن ڪي(1978)
  • پریم وواھ(1979)
  • بن ڦیري ھم تیري(1979)
  • سو دن ساس ڪي(1980)
  • کیل مقدر ڪا(1980)
  • بلندی(1980)
  • کيل مقدر ڪا(1981)
  • ڪاليا(1981)
  • پاکنڊي(1984)
  • ڌرم اور قانون(1984)
  • منزل منزل(1984)
  • لاوا(1985)
  • ڪار ٿيف(1986)
  • ساگر سنگم (1988)
  • میں تیرے لئے(1988)
  • ھمارا خاندان(1988)
  • ھم تو چلي پرديس(1988)
  • ھٿيار(1989)
  • بٽوارا(1989)
  • شراويگدا سرادارا(1989)
  • پروفيسرڪي پڙوسن(1993)
  • ڀاگيوان(1994)
  • گھر ڪي عزت(1994)
  • اندولان(1995)
  • سر آنکون پر(1999)