مواد ڏانھن هلو

احمد شاھ ذاڪري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احمد شاھ ذاڪري ولد پير محمد شاھ جيلاني ذاڪري، ھڪ عالم، بزرگ ۽ درگاھ ڌڻي ٿي گذريو آهي. کيس مريد ۽ عقيدتمند ”سُھڻو سائين“ ڪري سڏيندا هئا. سندن وڏا اصل ڪشمير جي طرف جا ويٺل چيا وڃن ٿا. سندس ڏاڏي، سلسلہ طريقت جي بيعت خواجہ نظام الدين ڪشميريءَ ۽ خواجہ محمد قاسم موهڙي شريف کان ورتي هئي. 1896ع ڌاري سنڌ ۾ آيو ۽ ڳوٺ ”ڪنڊڙي“ تعلقي بدين ۾ رهڻ لڳو. هو ڪشميري نموني زور سان ذڪر ڪندو هو، جنھن جي وفات بعد پير محمد شاھ جو وڏو ڀاءُ سجاده نشين ٿيو. محمد شاھ وڏي ڀاءُ کان اجازت وٺي، سڪرنڊ تعلقي ۾ پھرين ”گهنڊيا“ جي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ، سڪرنڊ جي ڀر ۾، حاجي محمد حسن چوهاڻ جي ڳوٺ جايون ٺھرائي، اُتي وڃي ويٺو. هن جو سلسلۂ طريقت قادري ۽ نقشبندي هو. وٽس جمعي نماز تي هزارين ماڻهو ايندا هئا، جن مان ڪيترن کي حال پوندو هو. سندن ذڪر راڳ جي نموني تي آهي. ڪيترا چور ۽ ڏوهاري ماڻهو سندس صحبت ۾ سڌي راھ تي اچي ويا. پنھنجي رهائش گاھ وٽ گهر جون جايون، مسجد ۽ پنھنجو قبو ٺھرايائين. 29 جمادي الاول 1355ھ/18 آگسٽ، 1926ع تي، اڱاري ڏينھن وفات ڪيائين. ان تاريخ تي هر سال سندس درگاھ تي عرس ٿيندو آهي.[1]

ڏاڏي جي وفات کان پوءِ عقيدمندن جو ورھائجڻ[سنواريو]

سائين محمد شاھ ذاڪريءَ جي وفات وقت سندن فرزند سيد احمد شاھ ذاڪري اڃا ننڍو هو. مٽياري سيدن مان ميان حاجي علي اڪبر شاھ باقيل پوٽو سندس خاص خليفن مان هو. سگهوئي سندس مريد ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا، هڪڙا سائين احمد شاھ ذاڪريءَ جا طرفدار ٿيا ۽ ٻيا حاجي علي اڪبر شاھ جا طرفدار ٿيا، جنھن سڪرنڊ کان اڀرندي طرف کڏهر روڊ تي پنھنجي خانقاھ وڃي بنائي ۽ ان جي وفات کان پوءِ سندس فرزند حاجي علي احمد شاھ جاءِ نشين ٿيو ۽ عربي مدرسو کولي، درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. پير احمد شاھ وارو گروھ ذڪر اذڪار ۽ روحاني تعليم جو طرفدار رهيو. سندن درگاھ پير ذاڪري نمبر1 سڏجڻ لڳي.[1]

تعليمات[سنواريو]

سندن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ بي شمار مريد ٿيا. احمد شاھ ذاڪريءَ جي تعليمات جا ٻہ اهم نُڪتا هئا: (1) هر انسان سان محبت ڪريو، پوءِ اهو مسلمان هجي، هندو يا ڪنھن ٻئي مذهب جو يا سني، شيعو، يا وهابي وغيره فرقن سان واسطو رکندڙ هجي. (2) ڏوھ کان نفرت ڪريو، ڏوهاريءَ سان نہ، ڏوهاريءَ سان نفرت سبب، سندس سڌرڻ جو امڪان ختم ٿئي ٿو.[1]

وفات ۽ پونير[سنواريو]

سائين احمد شاھ ذاڪري 5 جون 2000ع تي وفات ڪئي. چاليھي جي موقعي تي پڳ وڏي پُٽ منير حسين شاھ کي ٻڌائي وئي، جيڪو هن وقت درگاھ جو سجاده نشين آهي ۽ ضلعي ڪائونسل نواب شاج جو ميمبر ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ آهي. سندس ٻيو فرزند سيد حنيف شاھ تلھار ڀرسان درگاھ ذاڪري سنڀالي ٿو. ٻئي ڀائر تعليم يافتہ ۽ سنڌي جديد ادب تي سٺي ڄاڻ رکندڙ آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "احمد شاهه ذاڪري : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-06-04.