مواد ڏانھن هلو

اختر ھالائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خليفو محمد عمر ولد خليفو حافظ عبدالرحمان ميمڻ، 27 ڊسمبر 1917ع تي، هالا ۾ ڄائو. سندس پھريون تخلص ”مجرم“ هو، جيڪو 1940ع ۾ بدلائي ”اختر هالائي“ اختيار ڪيائين. پاڻ مڪتبن ۾ پڙهيو. اردو، فارسي ۽ عربي پنھنجي وڏي ڀاءُ، مولوي ميرمحمد ”مداح“ وٽ پڙهڻ ۽ لکڻ سکيو. شروع ۾ گربيون ۽ سوسيون اڻندو ۽ اڻائيندو هو. پوءِ خانداني پيشو، يوناني حڪمت اختيار ڪيائين. هوميوپئٿڪ ۾ بہ عبور حاصل ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس استاد سندس مامو محمد يعقوب ”مهمان“ هو. سندس ڪلام ”فردوس“، ”نئين زندگيءَ“، ۽ ٽماهي ”مھراڻ“ رسالن ۾ اڪثر شايع ٿيندو هو. 1951ع ۾ هفتيوار ”تعمير“ اخبار ڪڍيائين. ان تي بندش پوڻ کان پوءِ 1953ع ۾ هفتيوار ”ڪوثر“ جاري ڪيائين. ڪوثر جي مناسبت سان پنھنجي حڪمت خاني جو نالو بہ ”چشمۂ ڪوثر“ رکيائين. پاڻ جيتوڻيڪ ڪيترائي اصلاحي، اخلاقي ۽ سياسي نظم بہ لکيائين، پر بنيادي طور هو غزل گو شاعر هو. سنڌ جي متعدد ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائين. اختر هالائيءَ 27 آڪٽوبر 1959ع تي وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]