ادريسي
ڏيک
![](http://chped.net/https/upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/e/e8/Al-Idrisi%2C_Sayr_mulhimah_min_al-Sharq_wa-al-Gharb.png/101px-Al-Idrisi%2C_Sayr_mulhimah_min_al-Sharq_wa-al-Gharb.png)
ابو عبدالله بن ادريس عرب جو مشهور مؤرخ ۽ جاگرافي نويس هو، شريف ادريسيءَ جي نالي سان بہ سڏيو ويو، سبتہ (مغرب اقصيٰ) ۾، 492ھ/1099ع ۾ ڄائو. قرطبہ (اسپين) ۾ تعليم حاصل ڪيائين. آفريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جي سياحت ڪيائين ۽ اتان جي ڪارآمد معلومات حاصل ڪيائين. آخرڪار صقليہ جي نارمن بادشاھ راجر ٻئين کيس پنهنجي درالحڪومت پلرمو ۾ گهرايو. ادريسيءَ سندس فرمائش تي دنيا جو نقشو ۽ مفصل جاگرافي ”نزهت المشتاق“ جي نالي سان تصنيف ڪئي، جيڪا هڪ مستند ڪتاب جي حيثيت سان صدين تائين مشرق ۽ مغرب ۾ مقبول رهي. هن بادشاھ لاءِ چانديءَ جو ڪرہ بہ ٺاهيو هو. سال 549ھ/1154ع ۾ وفات ڪيائين.[1]