جنسي سنگ
![](http://chped.net/https/upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/4/4e/Paul_Avril_-_Les_Sonnetts_Luxurieux_%281892%29_de_Pietro_Aretino%2C_2.jpg/220px-Paul_Avril_-_Les_Sonnetts_Luxurieux_%281892%29_de_Pietro_Aretino%2C_2.jpg)
![](http://chped.net/https/upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/d/db/Griechen31.png/220px-Griechen31.png)
![](http://chped.net/https/upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/e/e2/Indiaerotic8.jpg/220px-Indiaerotic8.jpg)
جنسي ميلاپ، جنسي سنگ انگريزي ٻولي: Sexual intercourse , جماع جو لفظ عربي اساس جمع مان ڪڍيو ويو آھي ۽ ان جي معنيٰ جمع ٿي وڃڻ يا گڏ ملڻ جي ٿيندو آھي جڏھن ته ان پاڻ ۾ ملڻ سان عمومي طور تي مراد جنسي طور تي ملڻ جي ٿيندي آھي[1]۔ انھيءَ مفھوم کي عام طور تي جنسي رابطه ، مباشرت ، ھم بستري وغیره جي نالن سان به اختیار ڪيو ويندو آھي پر جئين ته ھي لفظ نسبتاً سخت ۽ اڻوڻندڙ آھن انڪري طبي ۽ ٻين وڪيپيڊيا جي مضمونن ۾ جماع جي اصطلاح کي چونڊيو ويو آھي جنھن کي انگریزيءَ ۾ sexual intercourse ۽ طب ۾ coitus يا وري copulation به چيو ويندو آھي۔ ۽ طبي تعریف جي روح سان مؤنث ۽ مذڪر جي وچ ۾ اھڙو رابطو جنھن ۾ مذڪر جي جسم کان مني (sperm) جو نيڪال ، مؤنث جي جسم طرف ھجي جماع چئبو آھي [2]۔ جماع جي ابتڙ ، جنس (sex) ھڪ اھڙو لفظ آھي جيڪو گھڻا استعمال رکي ٿو؛ طب ۾ عام طور تي جنس مان مراد مؤنث یا مذڪر صنف ورتي ويندي آھي[3]، جڏھن ته جنس جو لفظ ، بلا تفریقِ جنسِ مؤنث ۽ مذڪر، ٻه (یا ٻن کان وڌيڪ ) ماڻھن جي وچ ۾ ان قسم جي ڪنھن به رابطو یا تعلق ظاھر ڪري ٿو ته جنھن ۾ ٻن يا ڪنھن ھڪ جي تولیدي عضوي کي تحريڪ ملي[4]۔
وڌيڪ ڏسو [سنواريو]
- توليدي نظام
- جنس (sex)
حوالا[سنواريو]
- ↑ ھڪ ٻولي واري روحِ خط ۾ لفظ جماع جو مفھوم۔
- ↑ ھڪ طبي لغت ۾ لفظ copulation جو اندراج۔
- ↑ طب ۾ لفظ sex جو مفھوم۔
- ↑ ھڪ عمومي لغت ۾ sex جص معنيٰ (اندراج 4)۔