مواد ڏانھن هلو

خاڪشير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خاڪشير (عربي: خبه، فارسي: خاڪشي، هندي/اردو وغيره: خوب ڪلان، حمحم، بذرالخمخم، شفترڪ ۽ شيوران) هيڊي ۽ ڳاڙهي رنگ تي هڪ تمام سنهڙو ٻج ٿئي ٿو.

طبي خاصيتون[سنواريو]

اثر: گرم تر 2، نقصان: مٿي جو سور، ميل: ڌوئڻ ۽ ڪتيرو، عيوض: تودري، وزن: نـَـوَ ماسا.

خاصيت: قوت باھ کي وڌائي ٿو، بک لڳائي ٿو، بدن کي ٿلهو ڪري ٿو، معدي ۽ هاضمي کي طاقت ڏئي ٿو، پراڻن ۽ گرم تپن ۾ فائدو ڪري ٿو، ست اٺ دفعا پاڻيءَ ۾ ڌوئي، پسائي پوءِ اهو پاڻي ڇاڻي پيارڻ سان، اُرڙي ۽ ماتا جي بيمارين، سيني ۽ ڦڦڙن جي رت، صفراوي، دستن، اُلٽين، کنگهہ، معدني زهرن، وڇونءَ ۽ نانگ جي ڏنگ لاءِ مفيد آهي. گهڻي اُڃ ۽ جگر جي گرميءَ کي گهٽائي ٿو. وات جي خشڪي، ڦٽن، ڪن ۽ اکين جي بيماريءَ ۾ مفيد آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.