مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

سر سامونڊي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سر سامونڊي کي اهو نالو ان جي مضمون مطابق ڏنو ويو آهي. سر سامونڊي ۾ شاھ لطيف سمنڊ جي غورابن ۾ سفر ۽ واپار ڪرڻ وارن سامونڊين جي گهروارين جا الڪا ۽ اوسيئڙا اهڙي تہ رقت آميز طريقي سان بيان ڪيا آهن جو پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارن جي دلين تي گَھِرو گهاو ڪيو وجهن، وڻجارن جي وهن کي نھايت سھڻيون صلاحون ۽ مفيد مشورا ڏنا اٿس، انهن جي جذبات ۽ احساسات جو اهڙو تہ نقشو ويھي چٽيو اٿس جو سڄو منظر اکين اڳيان ڦريو اچي. هيءُ سر گويا سُر سريراڳ جي ڏوري آهي، يا ائين کڻي چئجي تہ سر سريراڳ ۾ وڻجارن جو ذڪر آهي تہ وري سر سامونڊيءَ ۾ سندن وڇڙيل وَهن جو احوال نقش ڪيل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.