مواد ڏانھن هلو

معين الدين چشتي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
معين الدين چشتي
Mu'in al-Din Chishti
مغلن جي دؤر جي ٺھيل معين الدين چشتي جي پينٽنگ
ذاتي معلومات
پيدائش AH 536/1142 CE
وفات AH 633/1236 CE
آخري آرامگاھہ درگاھ اجمير شريف
مذھب اسلام
Flourished اسلامي سونھري دؤر
فرقو سني[2][3]
اسڪول حنفي, مترودي
تنظيم
آرڊ چشتي سلسلو
نمايان استاد
Teacher خواجہ عبدالله انصاري,[4] نجيب الدين نقشابي [4]

خواجه معين الدين چشتي: هي بزرگ سجستان ۾ تولد ٿيو، ۽ خراسان ۾ تربيت حاصل ڪيائين. سندس والد بزرگوار خواجه غياث الدين حسن نيڪ طبيعت ۽ پرهيزگار شخص هو. ان جي وفات بعد اسباب وڪڻي، پيسا فقيرن ۾ ورهائي، سير و سفر تي نڪري پيو. ڪجهه وقت سمرقند ۽ بخارا ۾ رهي تعليم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ عراق عرب ڏانهن رخ ڪيائن ۽ نيشاپور جي پسگردائيءَ ۾ ”هرون“ نالي ڳوٺ ۾ پهچي، ٻه اڍائي سال حضرت عثمان هردني (وفات 617ھ) جي خدمت ۾ رهيو. ان کان روحاني فيض پرائي، خلافت جو خرقو ڍڪيائين. اتان بغداد طرف روانو ٿيو. ”سنجار“ نالي ڳوٺ ۾ پهچي شيخ نجم الدين ڪبريٰ (شهادت 610ھ) جي صحبت ۾ اٽڪل ٻه مهينا رهيو. اتان جيل ۾ آيو ۽ حضرت سيد عبدالقادر جيلاني سان مليو. ان جي صحبت ۾ رهي، بغداد آيو؛ ۽ حضرت شيخ ضياءُ الدين جي صحبت ۾ ڪجهه وقت رهيو. بغداد ۾ شيخ اوحد الدين ڪرماني، حضرت خواجه صاحب کان روحاني فيض حاصل ڪيو. انهيءَ ئي زماني ۾ حضرت شيخ شهاب الدين عمر سهروردي به کانئس روحاني فيض پرايو.

سير و سفر ڪندو حضرت خواجه صاحب بغداد کان همدان آيو ۽ اتان تبريز پهتو. اتان ٿي خرقان آيو. ان کانپوءِ ”سبز وار“ آيو. اهڙيءَ طرح سير و سفر ڪندو، بزرگن سان ملاقاتون ڪندو، لاهور آيو، ۽ حضرت خواجه علي هجويري داته گنج بخش جي مزار جي زيارت ڪيائين. مورخن جو اندازو آهي، ته حضرت خواجه صاحب سنه 587ھ کان 588ھ ۾ لاهور ۾ آيو. لاهور کان دهلي آيو، ۽ اتي ٿورو وقت رهي، اجمير طرف روانو ٿيو. اجمير ۾ پنهنجي خانقاهه قائم ڪيائين. سندس تبليغ سبب ڪيترائي غير مسلم، ايمان جي روشني سان منور ٿيا. اهڙي طرح برصغير پاڪ و هند جي سرزمين ۾ اسلامي تبليغ ۽ روحاني فيض جو سرچشمو قائم ڪري، سنه 632ھ يا 633ھ ۾ وفات ڪيائين. اجمير شريف ۾ روضو مشهور زيارتگاهه آهي.

حضرت خواجه صاحب جي خليفن ۾ ٻه بزرگ خاص طرح سان قابل ذڪر آهن: شيخ قطب الدين بختيار ڪاڪي دهيل ۾ چشتي سلسلي جو مرڪز قائم ڪيو، ۽ ڪيترن ماڻهن کي روحاني فيض سان مالا مال ڪري، 41 ربيع الاول سنه 633ھ (1235ع) تي وصال فرمايو. سندس خليفن مان حضرت بابا فريداندين گنج شڪر جو تعلق سنڌ سان آهي[7].

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.iecrcna.org/publications/books/Khwaja_Ghareeb_Nawaz_rahmatullah_alayh_SP.pdf
  2. Francesca Orsini and Katherine Butler Schofield, Telling and Texts: Music, Literature, and Performance in North India (Open Book Publishers, 2015), p. 463
  3. Arya, Gholam-Ali and Negahban, Farzin, “Chishtiyya”, in: Encyclopaedia Islamica, Editors-in-Chief: Wilferd Madelung and, Farhad Daftary: "The followers of the Chishtiyya Order, which has the largest following among Sufi orders in the Indian subcontinent, are Ḥanafī Sunni Muslims."
  4. 4.0 4.1 Ḥamīd al-Dīn Nāgawrī, Surūr al-ṣudūr; cited in Auer, Blain, “Chishtī Muʿīn al-Dīn Ḥasan”, in: Encyclopaedia of Islam, THREE, Edited by: Kate Fleet, Gudrun Krämer, Denis Matringe, John Nawas, Everett Rowson.
  5. 5.0 5.1 5.2 Blain Auer, “Chishtī Muʿīn al-Dīn Ḥasan”, in: Encyclopaedia of Islam, THREE, Edited by: Kate Fleet, Gudrun Krämer, Denis Matringe, John Nawas, Everett Rowson.
  6. 6.0 6.1 Arya, Gholam-Ali; Negahban, Farzin. "Chishtiyya". ۾ Madelung, Wilferd; Daftary, Farhad. Encyclopaedia Islamica. 
  7. چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو