منظور ڪالوني ون
منظور ڪالوني ون | |
---|---|
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي | |
يو سي 2 منظور ڪالوني ون | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°51′34″N 67°05′05″E / 24.85944°N 67.08472°Eمڪانيت: 24°51′34″N 67°05′05″E / 24.85944°N 67.08472°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪراچي اوڀر ضلعو |
تعلقو | فيروز آباد سب ڊويزن |
منظور ڪالوني 1(انگريزي: Manzoor Colony ) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي فيروز آباد سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اتر ۾ محمود آباد ۽ اوڀر ۾ اختر ڪالوني ۽ اولھ م بلوچ ڪالوني روڊ ۽ ڏکڻ ۾ يو سي منظور ڪالوني 2 واقع آهي. 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي يونين ڪاؤنسل نمبر 2 ۽ ان جو نالو منظور ڪالوني ھيو. 2013 ۾ ان کي ٻن حصن ۾ ورھائي انھن ۾ ٻيا علائقا شامل ڪري ٻہ يونين ڪاميٽيون ٺاهيون ويون جن م ھڪ منظور ڪالوني 1 ۽ ٻي منظور ڪالوني 2 شامل آھن جن کي فيروز آباد جي نالي سان نئين قائم ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن ڪالوني م پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کان سواءِ سنڌي، پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي ملڪ شاھنواز اعواڻ چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي يوسف انصاري چونڊجي آيا. ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1]. ھن يو سي ۾ زيادہ تر غريب آبادي رھندڙ آھي. پکيڙ جي لحاظ کان ھتي آبادي گھاٽي آھي ان ڪري ھتي گھر ننڍڙا ۽ گھٽيون سوڙھيون آھن. ھن يو سي ۾ رھائشي منصوبه بندي جو فقدان رھيو آھي. ھن ڪالوني مان مصطفي روڊ، علامه اقبال روڊ ۽ بلوچ ڪالوني روڊ گذرن ٿا. ھتي الفاروق سيڪنڊري بوائيز اسڪول واقع آهي.