مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

نيلسن منڊيلا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيلسن منڊيلا
Mandela, 76, in a portrait photograph
Mandela in 1994
1st President of South Africa
عهدو سنڀاليو
10 May 1994 – 14 June 1999
ڊپٽي
  • Frederik Willem de Klerk
    (1994–1996)
  • Thabo Mbeki
    (1994–1999)
پيشرو Frederik Willem de Klerk (as State President)
جانشين Thabo Mbeki
19th Secretary-General of the Non-Aligned Movement
عهدو سنڀاليو
2 September 1998 – 14 June 1999
پيشرو Andrés Pastrana Arango
جانشين Thabo Mbeki
11th President of the African National Congress
عهدو سنڀاليو
7 July 1991 – 20 December 1997
ڊپٽي
پيشرو Oliver Tambo
جانشين Thabo Mbeki
4th Deputy President of the African National Congress
عهدو سنڀاليو
25 June 1985 – 6 July 1991
پيشرو Oliver Tambo
جانشين Walter Sisulu
ذاتي تفصيل
پيدائش Rolihlahla Mandela
18 جُولاءِ 1918(1918-07-18)
Mvezo, Cape Province, Union of South Africa
وفات 5 ڊسمبر 2013 (عمر 95 سال)
Johannesburg, Gauteng, South Africa
آخري آرامگاهه Mandela Graveyard, سانچو:Avoid wrap
سياسي جماعت African National Congress
ٻيون سياسي
وابستگيون
South African Communist Party
جيون ساٿي
ٻار ٻچا 7, including Makgatho, Makaziwe, Zenani, Zindziswa and Josina (step-daughter)
مادر علمي
ڪرت
  • Philanthropist
  • politician
  • activist
  • lawyer
سڃاڻپ Internal resistance to apartheid
اعزاز
دستخط
ويب سائٽ Official website Edit this at Wikidata
عرفيت
  • Madiba
  • Tata
  • Dalibunga
'Writing career'
مُکيه ڪم Long Walk to Freedom

نيلسن منڊيلا (Nelson Mandela) 18 جولاءِ 1918ع تي ڏکڻ آفريڪا جي صوبي ٽرانسڪي جي گاديءَ واري هنڌ امٽاٽا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”موويزو“ ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ هن جو نالو ”رولي هلاهلا“ رکيو، جنھن جي معنى وڻ جي شاخ کي ڇڪڻ آهي پر عام ڳالھ ٻولهہ ۾ ان جو مطلب ”هلچل پيدا ڪرڻ وارو“ آهي.

ننڍپڻ ۽ تعليم[سنواريو]

نيلسن منڊيلا ماديبا برادري جو فرد آهي ماديبا سندس پڙ ڏاڏي جو نالو هو جيڪو 18 صدي عيسويءَ ۾ ٽرانسڪي تي حڪمراني ڪندو هو. نيلسن منڊيلا جي والد کي چار زالون هيون جنھن مان ”نوسي ڪيني فيني“ هن جي ماءُ هئي. هن جي ٻاروتڻ ۾ ئي ڪنھن جي چغليءَ سبب سندس پيءُ جي سرداري واري حيثيت کَسجي وئي سندس سموري زمين، ڌن ۽ دولت بہ ضبط ڪئي وئي. ان صورتحال کانپوءِ هن خاندان جو اُتي رهڻ مشڪل بڻجي ويو سندس امڙ موويزو کان پري هڪ وڏي وسندي ”قونو“ منتقل ٿي وئي جتي سندس مائٽن جو سھارو مليو. منڊيلا 5 سالن جي عمر ۾ ئي دراڙ بڻجي ويو. هن ننڍي عمر ۾ ئي لٺ ۽ خنجر جي ويڙھ وڙهڻ جا طريقا سکي ورتا جيڪي ڪنهن آفريڪي ڳوٺاڻي لاءِ ضروري سمجهيا ويندا آهن. 7 سالن جي ڄمار ۾ هن جو اسڪول وڃڻ ٿيو، اسڪول وڃڻ لاءِ سندس سٺو لباس سندس والد جي پينٽ ڪٽي پارائي وئي، پينٽ کي هڪ رسيءَ سان ٻڌو ويو. جنھن اسڪول ۾ هن کي ويھاريو ويو اُتي انگريزي فڪر ۽ نظرئي، انگريزي ثقافت ۽ روايتن کي هر شيءَ تي برتري حاصل هئي. اُن اسڪول ۾ انگريزن طرفان آفريڪين سان تعصب پرستي جي بنياد تي سندن نالا نہ ورتا ويندا هئا جنھن سبب ”رولي هلا هلا“ کي اسڪول ۾ نيلسن جو نالو ڏنو ويو. جڏهن هي 9 سالن جو هو تہ سندس پيءُ ڦڦڙن جي بيماري ۾ گذاري ويو. سندس پيءُ جي وفات کانپوءِ سندس امڙ کي سندس ڳوٺ ”قونو“ ڇڏي ”ٿمبو لينڊ“ جي گادي جي هنڌ ”مڪيڪزويني“ اچڻو پيو. ”ٿمبو لينڊ“ جي قائم مقام سردار ”ريجنٽ جوغن ٽابا“ هن جي پيءُ سان واعدو ڪيو هيو تہ تنھنجي وفات کانپوءِ تنھنجي پٽ جي هو سرپرستي ڪندو. پوءِ 10 سالن تائين ريجنٽ نيلسن جو محسن بڻيو رهيو. نيلسن جي اميدن جو مرڪز سندس امڙ کيس نئين هنڌ ڇڏي واپس ”قونو“ هلي وئي. ان دوران هن جي تعليم ۽ تربيت ٿيندي رهي. هن اُتي انگريزي، زهوسا زبانن، تاريخ ۽ جاگرافي جي تعليم جي شروعات ڪئي. هتي هي مذهب جي ڪافي ويجهو رهيو، هر آچر تي ريجنٽ ۽ سندس زال سان گڏ ”ديول“ ويندو هيو. ريجنٽ جي محل ۾ اڪثر قبيلائي اجلاس ٿيندا هئا جتي هر قسم جا مسئلا انگريزن جا ظلم ۽ ڏاڍ بحث هيٺ ايندا هئا. اُتي عام ماڻهن کي شرڪت جي اجازت هئي، ماڻهو بحث مباحثو ڪندا هئا، اجلاس ۾ موجود هر ماڻهو هڪ جهڙي حيثيت رکندو هو جنھن مان اصولي جمھوريت نظر ايندي هئي. نيلسن انهن بحث مباحثن کي ڌيان سان ٻڌندو هو. جڏهن ريجنٽ تي سخت تنقيد ٿيندي هئي تہ ريجنٽ خاموشي سان سڀ ڪجهہ ٻڌندو هو ڪڏهن بہ جذباتي رويي جو اظهار نہ ڪندو هو، ريجنٽ هر قسم جي تنقيد کي برداشت ڪندو هو ۽ آخر ۾ سڀني جي راءِ جو احترام ڪندي گڏيل فيصلو ڪيو ويندو هو، ڪوبہ فيصلو مڙهيو نہ ويندو هو. اڳتي هلي نيلسن منڊيلا پنھنجي سياسي جدوجھد دوران انهن سياسي ڪچھرين، روين ۽ جمھوري روايتن کي ئي اپنايو ۽ سدائين هڪ اڳواڻ جي حيثيت ۾ انهن اصولن جي پيروي ڪئي. هن محل ۾ قيام دوارن آفريڪا جي سمورين قومن ۽ قبيلائي بادشاهن ۽ حڪمرانن جي داستانن کان بہ واقفيت حاصل ڪئي. ان ڄاڻ دوران هن کي ڪيترائي آفريڪي هيروز ٻاهرين پرماريت جي خلاف جدوجھد ڪندي نظر آيا انهن بھادرن جي ياد سدائين هن پنھنجي دل ۽ دماغ ۾ سانڍي رکي. هن سدائين ريجنٽ جي ان اصول کي ياد رکيو تہ هڪ اڳواڻ جو مثال هڪ دراڙ جھڙو آهي هُو ڌڻ جي پٺيان پٺيان هلندو آهي اڳيان ويندڙن کي اهو احساس نہ ٿيندو آهي تہ سندن رهنمائي تہ سڀني جي پويان رهندڙ ڪندو آهي. گورن جي اچڻ کان اڳ سڀ آفريڪي ٿمبو، ڪونڊو، زهوسا، زولو سڀ هڪ پيءُ جو اولاد هئا امن ۽ سڪون سان گڏجي رهندا هئا، گورن هنن جي ڀائيچاري کي بہ تباھ ڪيو ۽ هنن جو سڀ ڪجهہ کسي ورتو. هي آفريڪي ماڻهو ”بنتو“ ڳالهائڻ وارن ماڻهن جي تاريخ، ڍنڍن، ميدانن ماٿرين جي هن کنڊ ۾ هزارين سال پراڻي آهي. نيلسن منڊيلا پنھنجي نئين رهائشگاھ ريجنٽ جي محل ۽ سندس اباڻو ڳوٺ جيڪو کيس ڪڏهن بہ نہ وسرندو هو جتي هن جو سڀ ڪجهہ هو ”قونو“ ڏانهن بہ ايندو ويندو هو. ننڍ پڻ ۾ علائقي جا ماڻهو هن کي ڄٽ ڳوٺاڻو چوندا هئا جڏهن هن ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي تہ سندس وڏي ڀيڻ نيلسن کي ڄٽ ڇوڪرو چيو ۽ کيس چيو تہ هو پنھنجي سڄي زندگي تباھ ڪري ڇڏيندو ۽ ائين هن جا نيلسن سان لاڳاپا ختم ٿي ويا.

بالغ پڻ[سنواريو]

طھرن وقت نيلسن کي هڪ ٻيو نالو بہ ڏنو ويو” ڊالي ڀنگها“ ڀنگها ٽرانسڪي جي روايت حڪمران جماعت کي چوندا آهن ۽ هي ان جو بنيادي ميمبر هو. طھرن جي رسم جي خاتمي کانپوءِ هڪ خاص گڏجاڻي ڪئي ويندي آهي ان گڏجاڻي کي خطاب دوران سردار ”ميلي ڪلي“ انتھائي مختلف تقرير ڪري ويٺلن جا هوش اُڏائي ڇڏيا. هن چيو تہ زهوسا قبيلي جي هن خوبصورت نوجوانن ۽ پٽن کي جيڪي اسان جي قوم جو انمول سرمايو آهن ڪجهہ بہ ڏئي نہ ٿا سگهون، اسين هنن جي جوان مردي جا خواب پورا ٿيندي ڏسي نہ ٿا سگهون ڇاڪاڻ تہ ”زهوسا“ قوم سميت ڏکڻ آفريڪا جا سڀ ماڻهو مفتوح قوم آهيون، اسين پنهنجي ملڪ ۾ غلام آهيون، اسان کي پنھنجي وطن جي سرزمين تي ڪو بہ اختيار نہ آهي. نيلسن منڊيلا ان تقرير کي سنجيدگي سان ٻڌو ۽ افسوس جو اظھار ڪيو تہ سردار جو خطاب بي معنى آهي، هُو سمجهي رهيو هو تہ گورن جي ڪيل ترقي سردار کي سمجهہ ۾ نہبٿي اچي، اسين نوجوان جيڪي انگريزي زبان سکي رهيا آهيون جنھن سان ترقي جا رستا نڪرندا اها بہ کيس سمجهہ ۾ نہ ٿي اچي. پر ڊگهي عرصي واري جدوجهد کانپوءِ نيلسن اهو سمجهي ورتو تہ ان ڏينھن وارو مقرر اهو ڄٽ سردار نہ پر ڄڻ هُو پاڻ هو. نيلسن کي وڌيڪ پڙهائي لاءِ ”ڪلارڪ بري“ جي انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ”انگ ڪوبو“ وڃڻو پيو. ”ڪلارڪ بري“ ٿمبو لينڊ ۾ آفريڪن جو اعلى ترين تعليمي ادارو تصور ڪيو ويندو هو.

ريجنٽ ۽ سندس زال هن جو تمام گهڻو خيال رکندا هئا، هن جي تعليم ۽ تربيت جو خاص خيال رکندا هئا. هن تعليمي اداري ۾ پڙهائي ڏانهن ڌيان ڏنو، راند ۾ دلچسپي وٺندو هو، فٽبال ۽ ٽينس هن جون پسنديده رانديون هيون. سندس تعليمي قابليت وچٿري هئي. 1937ع ۾ هن ”فورٽ بيوفورٽ“ جي هيلڊ ٽائون مشنري اسڪول ۾ داخلا ورتي جتي ريجنٽ جو پٽ جسٽس اڳي ئي موجود هو. اڻويھين صدي ۾ ”فورٽ بيو فورٽ“ هڪ انگريزي چوڪي هئي. گورن زهوسا ۽ ٻين ڪيترن ئي قومن جي زمينن تي قبضو ڪيو ان لڙاين دوران ”زهوسا“ ۽ ٻين ڪيترن ئي نوجوانن شھرت حاصل ڪئي. جهڙوڪ ”سنڊيلي“، ”مکانڊا“ ۽ ”موڪوما“. هنن کي برطانوي حڪمرانن رابن آئلينڊ ۾ جلاوطن ڪري ڇڏيو جتي هنن وفات ڪئي.

”فورٽ بيو فورٽ“ جتي اڳ صرف زهوسا قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا هاڻي صرف گورن ماڻهن جي بستي هئي. هن ڪاليج ۾ هڪ ڏينھن عظيم زهوسا شاعر ”ڪرونو مڪا هوي“ آخري سال جي الوداعي پروگرام ۾ مھمان طور آيو هن جي تاريخي تقرير نيلسن منڊيلا کي شعور جي واٽ تي هلڻ لاءِ گس ڏسيو ۽ منڊيلا سوچيو تہ آفريڪي عوام گورن جي غلامي کان ضرور آجو ٿيندو. ان کانپوءِ نيلسن يونيورسٽي ڪاليج ”فورٽ هيري“ ۾ داخلا ورتي جنھن جو بنياد 1916ع ۾ اسڪاچ مشن وارن رکيو هو. جتي اڻويھين صدي ۾ انگريزن زهوسا قوم جي اڳواڻ ۽ ويڙهاڪ ”سنڊيلي“ کي شڪست ڏني. ان دوران نيلسن جي دماغ ۾ هڪ ڳالھ هي بہ ھئي تہ صرف پڙهيل لکيل انگريز ئي سندس ماڊل آهي انهن جو مقصد صرف ڪارو انگريز بڻجڻ آهي، اهو ئي کين سيکاريو ويندو هو. هي ان تي بہ يقين ڪندا هئا تہ بھترين فڪر ۽ نظريو انگريز نظريو، بھترين حڪومت انگريز حڪومت ۽ بھترين انسان انگريز انسان ئي آهي. هن يونيورسٽي ۾ آفريڪا جا ڪجهہ عظيم استاد ۽ ڏاها موجود هئا، پروفيسر ذڪ ميٿيوز هڪ کاڻيون کوٽيندڙ جو پٽ ۽ مثالي اسڪالر هو، بنا ڪنھن ڊپ جي گوري حڪمراني خلاف ڳالهائيندو هو.

فورٽ هيري يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران نيلسن منڊيلا تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندو هو تہ آءُ برطانيا جي نائب وزير اعظم (Deputy Prime Minister) ”سموٽس“ جي هٿان ڊگري وصول ڪندس. هُو برطانيا جو زبردست حمايتي هو، هُو بي بي سي (BBC) تان پنھنجن دوستن سان گڏ جان ونسٽن چرچل جون پُرجوش تقريرون ٻڌي خوش ٿيندو هو پر سندس هڪ ڪلاس فيلو ”گوگيسا“ جو چوڻ هو تہ ”سموٽس“ نسل پرست شخص آهي، ان ڪري مذمت لائق آهي.

عجيب ڳالهه هي آهي ته اسين پاڻ کي ڪارو انگريز سمجهون ٿا پر گورا اسان تي ظلم ڪن ٿا ۽ اسان کي مھذب بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ”گوگيسا“ جي خيالن نيلسن کي ڇرڪائي وڌو هو. هڪ ڀيري سندس دوست ”پال“ سان گڏ ٽپال گهر وٽ بيٺو هو ته گوري مئجسٽريٽ ۽ پال جي تلخ ڪلامي ٿي، نيلسن پال جي جرئت ۽ بي باڪي کي احترام سان ڏٺو. هُو آفريڪي عوام سان ٿيل ناانصافي بابت ڪجهہ سمجهي رهيو هو پر کيس اڃا ايتري جرئت يا شعور جي پختگي نہ هئي جو پھرين صف ۾ اچي وڃي. هاڻي هُو تعليمي اداري ۾ هاسٽل ۾ رهائش، کاڌي پيتي جو معيار ۽ شاگردن کي وڌيڪ اختيار ڏيارڻ لاءِ ٿيندڙ سرگرمين جو حصو بڻجڻ لڳو. ان دوران ”ريجنٽ“ سندس شادي هڪ مقامي خاندان ۾ ڪرائڻ پئي چاهي پر هُو ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي گڏيل تعليمي ماحول ۾ رومانيت پسند نوجوان بڻجي چڪو هو جنھن ڪري پنھنجي شريڪ حيات جي چونڊ جو اختيار ”ريجنٽ“ کي ڏيڻ لاءِ راضي نہ هو.

ملازمت[سنواريو]

جسٽس ۽ هن جوهانسبرگ لاءِ رٿا تيار ڪئي ۽ مختلف طريقن سان ڪاغذ پٽ ٺھرائي ”جوهانسبرگ“ پھچڻ ۾ ڪامياب ٿيا. جوهانسبرگ جو بنياد 1886ع ۾ سون جي کاڻين جي دريافت ڪرڻ وقت رکيو ويو. نيلسن کي کاڻ جي هيڊمين ”پي ليسو“ وٽ پوليس مين طور نوڪري ملي وئي. کاڻين جا منتظم آفريڪي سردارن جي وڏي عزت ڪندا هئا ڇاڪاڻ تہ کين سستي ليبر (مزدور) ملي ويندي هئي. ريجنٽ جي سردار هئڻ ڪري نيلسن کي بہ فائدو پھتو. کاڻين ۾ مختلف قبيلن جي ماڻهن کي الڳ الڳ رکيو ويندو هو جئين هُو متحد نہ ٿي سگهن. نيلسن جي ڊيوٽي ۾ شامل هو تہ هُو مٿي تي ٽوپلو پائي هڪ هٿ ۾ ٽارچ کڻي ٻئي هٿ ۾ ڏنڊو کڻي گيٽ تي بيھي سيٽي وڄائيندو رهي ۽ ان گيٽ تي هڪ بورڊ لڳل هو جنھن تي لکيل هو ”خبردار مقامي ماڻهن جي داخلا تي بندش آهي“. نوڪري جي خاتمي کانپوءِ هُو هڪ معزز ”ڊاڪٽر زوما“ وٽ پھتو جيڪو ٽرانسڪي جو رهاڪو هو ۽ آفريڪن نيشنل ڪانگريس جو صدر بہ هو.

نيلسن پھريون ڀيرو پنھنجي پسٽل جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو جنھن تي ٿاڻيدار کيس ٻئي ڏينھن تي اچڻ جو چئي آزاد ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو تہ هن اهو پسٽل ٺڳن ۽ ڦورن کان بچڻ لاءِ رکيو هو.

نيلسن جوهانبسرگ 1941ع ۾ آيو هو. جوهانسبرگ ۾ پھچڻ سان هُو سخت پريشان هو نوڪري نہ ملڻ ڪري مشڪلاتن جو شڪار هو پوءِ هُو پنھنجي سئوٽ سان گڏ رهڻ لڳو هن جي خواهش هئي تہ هُو سٺو وڪيل ٿئي. ٻئي ڏينھن تي سندس سئوٽ هن کي هڪ اسٽيٽ ايجنسي جي آفيس ۾ وٺي ويو جتي هن ٽرانسڪي جي نوجوان ”والٽر سوسولو“ سان ملاقات ڪرائي. جيڪو آفريڪي رهاڪن لاءِ جائيداد جي خريد و فروخت جو ڪم ڪندو هو. 1940ع ۾ جوهانسبرگ جي ڪجهہ علائقن ۾ آفريڪا جي رهاڪن کي جائيداد جي خريد و فروخت جا حق هئا جڏهن تہ سٽي ڪائونسل جي گهرن ۾ فقط رهائش جا حق هئا. ”سوسولو“ آفريڪي آبادي ۾ هڪ واپاري ۽ مقامي اڳواڻ جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو. هُو پنھنجن ماڻهن جي لاءِ هڪ سگهارو شخص ڄاتو ويندو هو. نيلسن پنھنجي تعليم متعلق تڪيلفن کان کيس آگاھ ڪيو ” سوسولو“ هن کي خاطري ڪرائي. سوسولو انتھائي ذهين ۽ انگريزي ڏاڍي مھارت سان ڳالهائيندو هو، حيراني جي ڳالھ اها هئي تہ هُو فقط پنج درجا پڙهيل هو.

آفريڪا جي اڪثر اڳواڻن يونيورسٽي جو ڪڏهن منھن بہ نہ ڏٺو. منڊيلا جوهانسبرگ ۾ هئڻ دوران مختلف هنڌن تي ڌڪا ٿاٻا کائيندو رهيو، ڪافي پريشان رهندو هو پر هن ڪڏهن بہ همٿ نہ هاري. والٽر سوسولو جي مدد سان ” لازا سائٽ اسڪاءِ“ فرم ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو هن وڪيل ٿيڻ لاءِ رات جي وقت يونيورسٽي ۾ خط وڪتابت ڪورس ۾ داخلا پڻ ورتي. اها فرم قانوني صلاحن کانسواءِ آفريڪن لاءِ جائيداد جي ڏيڻ وٺڻ جو ڪاروبار بہ ڪندي هئي. والٽر ان لاءِ گراهڪ ڳولهيندو هو ۽ ڪميشن وٺندو هو. ڪمپني جو مالڪ ”لازار“ نيلسن کي سخت محنت جي تلقين ڪندو رهندو هو. هن جو چوڻ هوندو هو ته پڙهيل لکيل انسان کي دٻائي نہ ٿو سگهجي ان وٽ غور فڪر جي سگهہ هوندي آهي. هن نيلسن کي نصيحت ڪندي چيو تہ هڪ سٺو قانوندان بڻجي ديس واسين جي بهترين خدمت ڪري سگهين ٿو، تو کي هڪ ڪامياب ۽ مثالي شخص بڻجڻ گهرجي.

فرم جو ٻيو مالڪ ”سائيڊل سڪاءِ“ هو، هُو هن جو استاد رهيو معمولي کان معمولي ڪم بابت سمجهائيندو هو، قانون بابت سمجهائيندو هو، هُو نيلسن کي سياست کان پري رهڻ جي تلقين ڪندو هو، چوندو هو تہ سياست تمام خراب شئي آهي، هُو والٽر سوسولو جي قابليت جو اعتراف ڪندو هو پر سندس سياست کان بيزار هو. آفيس ۾ ”گوراڊيبي“ اڪثر ”سائٽ اسڪاءِ“ سان الجهيل رهندو هو. اصل ۾ هُو آفريڪي نيشنل ڪانگريس ۽ ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل هو. هن ”گوراڊيبي“ سان گڏ رهي اهو سکيو تہ فقط ڊگري قيادت جي ضمانت بڻجي نہ ٿي سگهي. قيادت عوام جي خدمت ڪندي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ”گوراڊيبي“ نيلسن کي سينڊوچ ڏيندي چيو تہ هن مان اڌ تون کاءُ، هن ائين ئي ڪيو، گوراڊيبي نيلسن کي چيو تہ ڏس هي ئي ڪميونزم جو فلسفو آهي هُو ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر هو ۽ هن نيلسن کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني پر هن ”سڪاءِ“ جي هدايت تي عمل ڪيو ۽ ڪنھن بہ سياسي پارٽي جي ميمبر ٿيڻ کان انڪار ڪيو.

نيلسن ڪيئي ڀيرا ڪميونسٽ پارٽي جي اجلاسن ۾ شرڪت بہ ڪندو رهيو پر صرف ڄاڻ جي لاءِ.

هاڻي هُو پنهنجي وطن ۾ گورن جي ڏاڍ ۽ جبر جي تاريخ کان واقف ٿي چڪو هو، نيلسن ان کي نسل پرستي جو نتيجو سمجهندو هو. جوهانسبرگ ۾ ”اليگزينڊرا“ آفريڪي ماڻهن جي لاءِ جنت جو نمونو هو هتي لُچ لوفرن، بدمعاشن ۽ پاٿاريدارن جو راڄ هئڻ جي باوجود ماڻهو خوش رهندا هئا. جتي آفريڪين کي جائيداد ۽ ملڪيت جو حق حاصل هو، جتي گورن آفيسرن جي ڏاڍ کانسواءِ پنھنجي معاملن جا خود مالڪ هئا. اها بستي ڳوٺن مان نڪري شھري زندگي گذارڻ جو بهترين موقعو فراهم پئي ڪري. گوري حڪومت جي ڪوشش هوندي هئي تہ هو ٻھراڙين ۾ هجن يا جيڪڏهن شھرن ۾ اچن تہ کاڻين جا مزدور ٿي رهن. هن وسندي ۾ نيلسن زندگي جا ڪيترائي ورهيہ گذاريا، کيس فرم طرفان هفتي ۾ ٻہ پائونڊ پگهار ملندو هو. ان پگهار مان ڪمري جي مسواڙ، يونيورسٽي جي في، سفر ۽ ماني ٽڪي جو بندوبست ڪرڻو پوندو هو. هن شديد غربت جي حالت ۾ گذاريو، تيل وارو ليمپ خريد ڪرڻ هن جي وس ۾ نہ هو. ڪڏهن ڪڏهن پئسا بچائڻ لاءِ ڪيترائي ميل پنڌ ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ڪيترائي ڏينھن ڪپڙا بہ نہ مٽائي سگهندو هو. ”فلز ماسيڪو“ فورٽ هيري ڪاليج ۾ هن سان گڏ رهي چڪي هئي، اُن هن کي پنھنجو ڏس پتو ڏنو ۽ چيو هئائينس تہ جڏهن بہ ضرورت پوي تہ مون وٽ اچجانءِ. هڪ ڏينهلھن سخت بک لڳڻ ڪري هُو هن جي گهر ويو، جنھن هن کي سٺي ماني کارائي ۽ پوءِ اڪثر هو هن جي گهر ماني کائڻ ويندو رهندو هو. هي پنھنجو گهڻو وقت تعليم جي حصول ۽ قانوني فرم ۾ نوڪري ڪندي گذاريندو هو.

هڪ ڀيري ”باسوٽو لينڊ“ جي راڻي ”موشويش وي“ سان ملاقات دوران هن منڊيلا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ تون هڪ اهڙو وڪيل ۽ اڳواڻ آهين جيڪو پنھنجي قوم جي زبان کان بہ واقف ناهي. نيلسن گھري سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيو تہ ڪيئن نہ گوري سرڪار اسان آفريڪي ڀائرن ۽ ڀينرن کي مختلف ٻولين ۽ گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي جو اسان پنھنجي وطن ۾ هڪڙي رنگ، هڪڙي ثقافت، هڪڙي ٻولي هجڻ جي باوجود گڏ ناهيون. 1942ع ۾ سندس سنڀاليندڙ ” ريجنٽ“ گذاري ويو، هي اُتي پھتو پر ريجنٽ اڳ ئي دفن ٿي چڪو هو. ريجنٽ اهڙو ماڻهو هو جيڪو سڀني جي ڳالھ ڌيان سان ٻڌندو هو، هر ڪنھن کي عزت جي نگاھ سان ڏسندو هو، جنھن ڪري علائقي جا سڀ ماڻهو سندس چاهيندڙ هئا.

”ريجنٽ ننڍڙي علائقي جو سردار هو پر هن جي عوام سان پنھنجائپ، مسئلن ڏانهن سنجيدگي، سٺي انسان وارين خوبين جي ڪري باوجود ان جي تہ هو سردار هو ۽ قومي اڳواڻ نہ هو پر سٺين خوبين ۽ ڪردار جي ڪري علائقي ۾ قومي اڳواڻ طور سڃاتو ويندو هو.

نيلسن قانوني اداري ۾ ڪم ڪندي فڪري ۽ نظرياتي طور تي تبديل ٿي چڪو هو. هُو فرم جي مالڪ ”سڪاءِ“ جي تنبيھ جي باوجود گوراڊيبي جي گهڻو ويجهو رهيو جيڪو هن کي چوندو رهيو تہ اسان جي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ تعليم بنيادي ۽ تمام ضروري آهي پر رڳو تعليم حاصل ڪرڻ سان ئي آزادي نٿي ماڻي سگهجي ان لاءِ هزارين سال انتظار ڪرڻو پوندو.

جنھن ڪري هُو عمل کي وڌيڪ اهميت ڏيندو هو ۽ هُو آفريڪن نيشنل ڪانگريس کي سياسي سگهہ جي حاصلات لاءِ بھترين ذريعو سمجهندو هو.

آفريڪن نيشنل ڪانگريس جو قيام 1912ع ۾ عمل ۾ آيو. جنھن جي پويان جدوجھد جي ڊگهي تاريخ هئي، هن جو منشور نسل پرستي جو مخالف هو. هي جماعت ڏکڻ آفريڪا ۾ ڌرتي ڌڻين کي هڪ مڪمل اختيار ڏيڻ جي حق ۾ هئي.

”گوراڊيبي“ نيلسن کي ليڪچر ڏيندو هو، پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏيندو هو، مختلف شخصيتن سان ملاقاتن جو بندوبست ڪندو هو ۽ سياسي ميڙاڪن ۾ وٺي ويندو هو. گوراڊيبي نيلسن کي تاريخ جو درس ڏيندو هو، آزادي جي جدوجهد کان واقف ڪندو هو. گوراڊيبي کي انقلاب ۽ آزادي کانسواءِ ٻي ڪنهن به شئي سان دلچسپي نه هئي ان ڳالهه نيلسن کي گهڻو متاثر ڪيو. گوراڊيبي جي ذاتي ۽ سياسي ڪردار نيلسن منڊيلا کي سياست ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ” هڪڙو سٺو سياسي ورڪر جيڪو پنهنجي فڪر ۽ نظرئي سان جڙيل هو، انقلابي ڪارڪن هجڻ جي رڳو دعوى ڪندڙ نه پر عملي طور تي به هُو نظرياتي ۽ انقلابي ڪارڪن ثابت ٿيو هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هُو پنهنجي عمل ۾ به بلڪل ائين ئي آهن جيئن هُو سوچين ٿا يا جيڪوڪجهه هُو ڳالهائين ٿا. گوراڊيبي جي ڪيل ان پورهئي هڪ اهڙي ماڻهو کي ذهني طور تيار ڪري پنهنجي فڪر ۽ نظرئي جي ويجهو آندو جيڪو اڳتي هلي آفريڪي عوام جو قومي سرواڻ ٿي اڀريو.

سنڌ جي قومي تحريڪ جو الميو اهو آهي ته اسان جا اڳواڻ/ ڪارڪن پنهنجي قول ۽ فعل ۾ زمين آسمان جيترو فرق رکن ٿا. سنڌ جي قومي تحريڪ جا اڳواڻ/ڪارڪن انتهائي سهل پسندي جو شڪار بڻجي short cut جي ڳولا ۾ مصروف آهن. عام طور تي هُو ڪنهن ڳوٺاڻي غريب پورهيت ماڻهو سان ٻه گهڙيون ويهي ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه هوندا آهن، ان جو پهريون سبب يقينن سندن قول ۽ فعل ۾ تضاد ئي هجي ٿو جڏهن ته ٻيو مکيه سبب نظرياتي يا فڪري طور تي پختگي جو نه هجڻ آهي. جيڪڏهن ڪو اڳواڻ/ ڪارڪن پاڻ ئي نظرياتي ۽ فڪري لحاظ سان مضبوط ڄاڻ جو مالڪ نه هوندو ته اهو پنهنجي پارٽي پروگرام جي پرچار ڪهڙي ريت ڪري سگهندو اهڙي طرح وري جيڪو ڪارڪن پنهنجي عمل ۾ پنهنجي سوچ، پنهنجي فڪر مطابق نه هوندو ته ان جون ڳالهيون عوام تي ڪو مثبت اثر نه ڇڏي سگهنديون نتيجي طور سنڌ جي قومي تحريڪ کي اهڙا سنجيده ۽ انقلابي ڪارڪن ڪي ٿورا ئي ملي سگهيا آهن، جنهن ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ هڪ مضبوط ۽ منظم تحريڪ جي شڪل اختيار نه ڪري سگهي آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ گورا ڊيبي پئدا ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن ڇاڪاڻ جو سندن هدف واضح ناهي ان ڪري هڪ ڳوٺاڻو پورهيت انقلابي بڻجي تاريخ جو اهم ڪردار بڻجي سگهي ٿو پر هتي ڇڙواڳ ۽ جاهل ماڻهن جي فوج تيار ڪئي پئي وڃي.“

نيلسن هن مهل تائين ته گوراڊيبي جي ليڪچر، سياسي پرگرامن ۾ مبصر طور شرڪت ۽ ڪتاب پڙهڻ ۾ وقت گذاريندو هو پر اگسٽ 1943ع ۾ اليگزينڊرا ۾ بسن جي ڀاڙي وڌائڻ خلاف هزارين ماڻهن بائيڪاٽ ۽ مارچ ڪيو نيلسن به ان ۾ حصو ورتو ۽ گوراڊيبي ان جي اڳواڻي ڪئي. نون (9) ڏينهن جي جدوجهد کانپوءِ ڪاميابي نصيب ٿي ۽ ان ڏينهن کان نيلسن مبصر واري حيثيت ڇڏي عملي ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو، هن محسوس ڪيو ته پنهنجي قوم سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ڪرڻ سان ڪيتري نه راحت ۽ روح کي خوشي محسوس ٿئي ٿي. 1943ع ۾ هن يونيورسٽي آف سائوٿ آفريڪا مان خط و ڪتابت ذريعي امتحان پاس ڪيو.

هن کي جسٽس ۽ ٻين دوستن ئي بار بار چيو ته جوهانسبرگ ڇڏي ۽ واپس ”امٽاٽا“ اچي پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪري پر نيلسن مستقبل ۾ هڪ مخصوص قبيلي يا گروهه بدران سڄي آفريڪي عوام جي خدمت ڪرڻ جو ذهني طور فيصلو ڪري چڪو هو.

زندگي جو تيز وهڪرو هن کي اوڏانهن ئي ڇڪي رهيو هو. فورٽ هيري مان ڊگري وٺڻ کانپوءِ هن فڪري طور تي پنهنجو جائزو وٺڻ شروع ڪيو ۽ طئه ڪيو ته گريجوئيشن (Graduation) ڪرڻ سان يا ٿمبو جي حڪمران قبيلي سان لاڳاپن ڪري عزت ۽ احترام ته حاصل ٿيندو پر وڏو عهدي يا سٺي پگهار جي خواهش سندس مقصد نه رهيو هو. هن پنهنجي زندگي ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽي مان ڪجهه به نه سکيو هو ڇاڪاڻ ته اُتي نسلي مت ڀيد، ڪارن سان ٿيندڙ ڏاڍ نه پڙهايو ويندو هو. نسلي تعصب هن تعليم ذريعي نه پر عملي طور سماج ۾ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. 1943ع ۾ هن جوهانسبرگ ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ”يونيورسٽي آف واٽرز رينٽ“ ۾ داخلا ورتي. هن اداري ۾ ”جوسولوو“ مستقبل جي شريڪ حيات ”روزفرسٽ“ ”جارج بزاس“ ۽ ”برام فشر“ سان سندس ملاقات ٿي، اهي سڀ انتهائي ذهين ماڻهو هئا ۽ سڄي زندگي هن جا ساٿاري رهيا. اُن دوران هن جي هندستاني شاگردن سان پڻ ملاقات ٿي، جنهن ۾ اسماعيل مير، جي.اين سنگهه ۽ احمد ڀولا شامل هئا جيڪي بعد ۾ هن جا پڪا دوست بڻجي ويا. اڳتي هلي اسماعيل مير جو فليٽ انهن سڀني دوستن لاءِ گڏجاڻي ڪرڻ، بحث مباحثا ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جو مرڪز بڻجي ويو، ڄڻ ته نوجوان آزادي پسندن جو هيڊڪوارٽر بڻجي ويو. هڪ ڏينهن اسماعيل مير، جي . اين سنگهه ۽ نيلسن هڪ اهڙي ٽرام ۾ ويهي رهيا جنهن ۾ هندستاني ته سفر ڪري پئي سگهيا پر آفريڪن جو ويهڻ منع هيو. ٿوري دير ۾ ڪنڊيڪٽر اچي هندستانين سان مخاطب ٿيندي چيو ته ”توهان جي هن ڪافر دوست کي هن ٽرام ۾ ويهڻ جي اجازت ناهي“ جنهن تي هندستاني دوست هن سان تکا مٺا ٿيا، ٽرام روڪرائي وئي ۽ پوليس گهرائي نيلسن کي گرفتار ڪرايو ويو. ٻئي ڏينهن برام فشر کيس عدالت مان آزاد ڪرايو. ”وٽز“ ۾ هن نئين دنيا جو دروازو ڳولهي لڌو جتي فڪر، نظريو، سياست، عقيدي ۽ مناظري جي دنيا هئي. هتي نيلسن کي سفيد فارم ۽ باشعور هندستاني نوجوانن سان گڏ گذارڻ جو موقعو مليو. هتي کيس هم عمر نوجوان دوست مليا جيڪي آزادي جي جنگ سان گهري دلچسپي رکندا هئا. هتي ڪجهه نوجوان رعايت هجڻ باوجود به محڪوم ۽ مظلوم طبقن جي خاطر سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا.


Nelson Rolihlahla Mandela (/mænˈdɛlə/ man-DEH-lə;[1] سانچو:IPA-xh; born Rolihlahla Mandela; 18 July 1918 – 5 December 2013) was a South African anti-apartheid activist, politician, and statesman who served as the first president of South Africa from 1994 to 1999. He was the country's first black head of state and the first elected in a fully representative democratic election. His government focused on dismantling the legacy of apartheid by fostering racial reconciliation. Ideologically an African nationalist and socialist, he served as the president of the African National Congress (ANC) party from 1991 to 1997.

A Xhosa, Mandela was born into the Thembu royal family in Mvezo, South Africa. He studied law at the University of Fort Hare and the University of Witwatersrand before working as a lawyer in Johannesburg. There he became involved in anti-colonial and African nationalist politics, joining the ANC in 1943 and co-founding its Youth League in 1944. After the National Party's white-only government established apartheid, a system of racial segregation that privileged whites, Mandela and the ANC committed themselves to its overthrow. He was appointed president of the ANC's Transvaal branch, rising to prominence for his involvement in the 1952 Defiance Campaign and the 1955 Congress of the People. He was repeatedly arrested for seditious activities and was unsuccessfully prosecuted in the 1956 Treason Trial. Influenced by Marxism, he secretly joined the banned South African Communist Party (SACP). Although initially committed to non-violent protest, in association with the SACP he co-founded the militant uMkhonto we Sizwe in 1961 and led a sabotage campaign against the apartheid government. He was arrested and imprisoned in 1962, and, following the Rivonia Trial, was sentenced to life imprisonment for conspiring to overthrow the state.

Mandela served 27 years in prison, split between Robben Island, Pollsmoor Prison and Victor Verster Prison. Amid growing domestic and international pressure and fears of racial civil war, President F. W. de Klerk released him in 1990. Mandela and de Klerk led efforts to negotiate an end to apartheid, which resulted in the 1994 multiracial general election in which Mandela led the ANC to victory and became president. Leading a broad coalition government which promulgated a new constitution, Mandela emphasised reconciliation between the country's racial groups and created the Truth and Reconciliation Commission to investigate past human rights abuses. Economically, his administration retained its predecessor's liberal framework despite his own socialist beliefs, also introducing measures to encourage land reform, combat poverty and expand healthcare services. Internationally, Mandela acted as mediator in the Pan Am Flight 103 bombing trial and served as secretary-general of the Non-Aligned Movement from 1998 to 1999. He declined a second presidential term and was succeeded by his deputy, Thabo Mbeki. Mandela became an elder statesman and focused on combating poverty and HIV/AIDS through the charitable Nelson Mandela Foundation.

Mandela was a controversial figure for much of his life. Although critics on the right denounced him as a communist terrorist and those on the far left deemed him too eager to negotiate and reconcile with apartheid's supporters, he gained international acclaim for his activism. Globally regarded as an icon of democracy and social justice, he received more than 250 honours, including the Nobel Peace Prize. He is held in deep respect within South Africa, where he is often referred to by his Thembu clan name, Madiba, and described as the "Father of the Nation".

  1. "Mandela". Collins English Dictionary. وقت 5 April 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 December 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)