مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

واپار جو توازن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

واپار جو توازن (Balance of trade) هڪ ڏيھان ڏيھي واپار سان لڳاپيل اصطلاح آهي. پرڏيھ موڪليل ۽ اُتان گهرايل مال جي توازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هڪ خاص مُدي ۾ ڪنھن بہ ملڪ جي واپار جوڳي وَکر کي ڏيساور موڪلڻ (درآمد) ۽ پرڏيھ کان گهرايل مال (برآمد) جو اهڙو وچور، جنھن ۾ روڪ خريد ڪيل سامان لاءِ ڏنل رقم يا وِڪاميل مال جي بدلي ۾ مليل رقم جو تفصيل درج نہ هوندو آهي ۽ رڳو جنس جي بدلي ۾ مليل جنس جو واپار ليکي ۾ آڻبو آهي. جيڪڏهن توازن موڪليل مال جي حق ۾ آهي تہ واپار کي فائديمند (Trade Surplus) ۽ جيڪڏهن پرڏيھ مان گهرايل مال جي حق ۾ آهي تہ نقصانڪار (Trade Deficit) سمجهيو ويندو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. Balance of trade | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, وقت 2019-06-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-02-11