مواد ڏانھن هلو

ويب صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌي وڪيپيڊيا جي ويب صفحي جو ڏيک

ويب صفحو يا ويب پيج (انگريزي ٻولي: Web Pageعالمگير ويب ۽ ویب برائوزر لاءِ موزن برقي ڪاغذ آهي. ویب برائوزر، ڪمپيوٽر يا موبائل ۾ اهي ويب صفحا ڏيکاريندا آهن. ويب صفحي جي معني آهي، جيڪو نظر ايندڙ هجي، پر ان کي عام طور ڪمپيوٽر جي هڪ فائيل طور ورتو ويندو آهي، جيڪو هائپرٽيڪسٽ يا ٻي ڪنهن مارڪ اپ ٻولي ۾ لکيل هجي. عام ويب صفحن ۾ هائپرلنڪ ذريعي، هڪ ٻي سان فائيل ڳنڍيل هجن ٿا.

ڪنهن به نيٽورڪ ۾، ویب برائوزر هائپرٽيڪسٽ ٽرانسفر پروٽوڪول (انگريزي ٻولي: Hypertext Transfer Protocol، مخفف: HTTP يا ايڇ ٽي ٽي پي)، ذريعي ڏوراهين ويب سرور مان ويب صفحا ڳولي ڏيکاريندو آهي.

برائوزر[سنواريو]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ویب برائوزر

ویب برائوزر يا صرف برائوزر، هڪ سافٽويئر آهي، جنهن جي مدد سان عالمگير ويب مان ڄاڻ يا گھربل مواد کي حاصل ڪيو ويندو آهي. هر ويب صفحو، تصويرون، وڊيو مخلتف يونيفارم ريسورس لوڪيٽرس جي مدد سان ڳنڍيل آهن، جڏهن برائوزر ۾ گھربل يو. آر. ايل. لڳائبو ته اها مطلوبه ڄاڻ واپرائيندڙ جي ڪمپيوٽر يا موبائيل تي ڏيکاريندو آهي.