مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو جُولاءِ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اگرتلا سازش ڪيس پاڪستان ۾ ھڪ بغاوت جي ڪيس جو نالو آھي، جيڪو ايوب خان جي دور ۾ حڪومتِ پاڪستان عوامي ليگ جي سربراهہ شيخ مجيب الرحمٰن ۽ ٻين 34 ماڻھن مٿان داخل ڪيو ھو. ھن ڪيس ۾ شيخ مجيب الرحمٰن ۽ ٻين مٿان ھندوستان سان ملي پاڪستان جي سالميت خلاف سازش ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو. حڪومتي موقف مطابق ھي سازش ھندوستان جي شھر اگرتلا ۾ رٿي وئي، ان لاءِ عام طور تي ھن کي اگرتلا سازش ڪيس جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ھن ڪيس لاءِ پاڪستان جي تعزيري ضابطن ۾ ترميم ڪئي وئي جيئن فريادي کي فائدو پهچي سگهي. ھن مقدمي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بغاوت ايوب خان جي حڪومت جي خاتمي ۾ هڪ اهم ڪارڻ بڻي. ھن مقدمي کي بنگلاديش جي آزاديءَ جي جنگ جي اهم واقعن ۾ بہ ڳڻيو وڃي ٿو.