وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2020/مهينو جنوري
![](http://chped.net/https/upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/a/ab/EdinburghMontage.png/80px-EdinburghMontage.png)
ايڊنبرا (Edinburgh) اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ ھيءُ اسڪاٽلينڊ جي 32 ڪائونسل ايراضين (Council Areas) مان ھڪ آھي. تاريخي طور ھي مڊلوٿيان (Midlothian) ڪائونٽي جو حصو ھو. ھيءُ شھر لوٿيان واري علائقي ۾ فرٿ آف فورٿ (Firth of Forth) جي ڏاکڻين ڪنڌيءَ تي آباد آھي. ھن شھر کي 15ھين صدي عيسويءَ ۾ اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو ويو. اسڪاٽش حڪومت، اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ھن شھر ۾ قائم آھن. ھوليروڊھائوس محل (Holyroodhouse Palace) برطانيہ جي راڻيءَ جي سرڪاري رھائشگاھ آھي. ھيءُ شھر تعليم جو وڏو مرڪز رھيو آھي ۽ ھتي ميڊيڪل، سائنس، انجنيئرنگ، قانون ۽ فلاسافيءَ جي تعليم ۽ کوجنا جون سھولتون موجود آھن. ھتي جي شاندار تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ماڻھو ھي شھر گھمڻ اچن ٿا. 2016ع جي انگن اکرن موجب اٽڪل 1750000 سياح ھر سال ھتي اچن ٿا.