مواد ڏانھن هلو

ڦاڙھو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڦاڙهو (عربي: ايل، فارسي: گوزن، هندي/اردو وغيرہ: باره سنگا، ڪوتاه پاچہ، ديھڙو، پاچر ۽ بقرالوحش) هرڻ جي قد کان وڏو هڪ جانور آهي، جنھن جا سڱ وڻ جي ٿڙ، ڏارن، ۽ ٽارين وانگر ٿيندا آهن.

طبي خاصيتون[سنواريو]

اثر: گرم خشڪ، نقصان: دير هضم آهي ۽ سودا کي، ميل: ___، عيوض: هرڻ، وزن: قدر موافق.

خاصيت: هن جو گوشت دل، دماغ ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو. قوت باھ ۽ منيءَ کي زياده ڪري ٿو. هن جي آلت سڪائي شراب ۾ حل ڪري کارائجي تہ بواسير جي رت، سلهہ، رحم جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لا”، مثاني جي ڦٽ، يرقان، ٻرهل، آنڊن جي ڦٽ ۽ قولنج لاءِ مفيد آهي[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.