مواد ڏانھن هلو

ڪريات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪريات (هندي: مھاٽيٽا، سنسڪرت: ڪالميگهہ، بنگالي: ڪريات، انگريزي: Creat، لاطيني: Andegvathis Paniculata) هڪڙو ٻوٽو آهي، جو باغن ۾ لڳايو وڃي ٿو. هن جا پن ۽ پاڙ دوا ۾ ڪتب اچن ٿا. ذائقي ۾ سخت ڪوڙو هوندو آهي. ھي لکنو کان آسام تائين ميداني علائقن ۾ ٿئي ٿو.

طبي خاصيتون[سنواريو]

هي معدي کي طاقت ڏيندڙ معتدل (آلٽريٽيو Altertive) پيٽ جا ڪينئان ماريندڙ ۽ ڪونين جو بدل آهي. مگر جديد تحقيق موجب مليريا لاءِ ڪو خاص فائدو نٿو ڏيکاري. هن جي پنن جي رس ٻاراڻي پيٽ آڦريءَ ۽ دستن لاءِ گهرو علاج آهي.

هن جي گهاٽي رٻ (Liquid Extract) تيار ڪئي وڃي ٿي، جا نوبتي بخارن لاءِ عرق سم الفار سان ۽ جگر جي بيمارين ۾ نوشادر سان ننڍي چمچي جي انداز ۾ ڏني ويندي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.