ڪريم آباد (گلبرگ)
ڏيک
ڪريم آباد يو سي 34 ڪريم آباد | |
---|---|
سنڌ جي يونين ڪاميٽي | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°54′43″N 67°03′33″E / 24.91194°N 67.05917°Eمڪانيت: 24°54′43″N 67°03′33″E / 24.91194°N 67.05917°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪراچي سينٽرل ضلعو |
تعلقو | گلبرگ سب ڊويزن |
يو سي ڪريم آباد(انگريزي: UC Karimabad ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي گلبرگ سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاميٽي آهي۔ ھن يو سي جي اتر ۾ نصيرآباد ۽ عائشه منزل ۽ اوڀر ۾ عزيز آباد واقع آھن۔ سال 2023ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي جو چيئرمين زبیر ولی محمد مرڪٽيا ۽ وائيس چيئرمين محمد الیاس ميمڻ چونڊجي آيا جن جو تعلق جماعت اسلامی جی پینل الخدمت سان آھي۔[1] ھن يو سي ۾ اسماعيلي ڪميونٽي جو مرڪز واقع آهي ۽ ڪريم آباد جو نالو پرنس ڪريم آغا خان چوٿون جي نالي سان منصوب آھي۔ آبادي جي اڪثريت ميمڻ ڪميونٽي جي آھي ۽ اقليت ۾ اسماعیلی ۽ اردو گالھائندر شامل آهن۔ ھن يو سي ۾ رونق اسلام پبلڪ اسڪول، رونق اسلام گرلز سيڪنڊري اسڪول، فيضان اڪيڊمي، ميمڻ عيدگاھ، خاتون جنت پارڪ، حسين ابراهيم اسپورٽس ڪامپليڪس واقع آھن۔
حوالا[سنواريو]
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2023-10-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-04-10