مواد ڏانھن هلو

ڪلر سيدان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪلر سيدان
کلر سیداں
شھر
راولپنڊي جو تحصيلي نقشو
ڪلر سيدان is located in Pakistan
ڪلر سيدان
ڪلر سيدان
جاگرافي بيهڪ: 33°24′52″N 73°22′43″E / 33.41444°N 73.37861°E / 33.41444; 73.37861مڪانيت: 33°24′52″N 73°22′43″E / 33.41444°N 73.37861°E / 33.41444; 73.37861
ملڪ پاڪستان
صوبو پنجاب
ضلعو راولپنڊي
تحصيل ڪلر سيدان تحصيل
صدرمقام ڪلر سيدان
ٽائون 15
يونين ڪاؤنسلون 11
حڪومت
 • ميئر شيخ عبدالقدوس
بلندي 520 ميل (1,710 ft)

ڪلر سيدان(انگريزي: Kallar Syedan) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي راولپنڊي جي ھڪ ساڳي نالي سان تحصيل جو شھر ۽ صدر مقام آهي

تاريخ[سنواريو]

ڪلر سيدان ۾ سکن جو گردوارو

ھن شھر جي تاريخ 1200 سال پراڻي آھي. شھر کي سکن جي دؤر ۾ ڪافي اھميت ملي. ان دؤر جا گردوارا ۽ حويليون ۽ ننڍا ڪوٽ پوري راولپنڊي ضلعي ۾ سکن جي دؤر ۾ اھميت جي شھادت ڏين ٿا .[1] اوڻويھين صدي جي ٻئي حصي ۾ ھتي کيم سنگھ بيدي محل ٺھرايو جيڪو بيدي محل سڏيو ويندو آهي.[2] پاڪستان جي قيام بعد ان محل جي عمارت ۾ ڇوڪرن جو ھاء اسڪول قائم ڪيو ويو .[3]

شھر جو نالو[سنواريو]

ھڪ روايت مطابق شھر جو نالو ڪلر سيدان ھڪ معزز شھري ڪلو شاھ جي نالي تان پيو. ٻي روايت مطابق ھتي ڪلو راء ۽ بيلا راء نالي ٻہ ڀائر ھيا جن مان ڪلو راء جي نالي تان ھن شھر جو نالو ڪلر سيدان پيو ۽ بيلا راء جي نالي تان ٻئي شھر بيول جو نالو پيو. ھڪ ٽين روايت مطابق ھتان جو جر کارو ھيو ۽ نلڪن مان کارو پاڻي نڪرندو ھو جيڪو اڄ تائين کارو آھي. زمين جي ان حالت جي ڪري علائقي کي ڪلر سڏڻ شروع ڪيو ويو ۽ شھر جو نالو ڪلر سيدان پئجي ويو.

مردم نگاري[سنواريو]

ھتي جون اھم ذاتين ۾ ملڪ اعواڻ، قريشي، گکر، گجر، مغل، سيد ، جسيال ڪنيال راجپوت، ھاشمي راجپوت، چوڌري راجپوت شامل آهن.ھن شھر جا ڪافي ماڻھو يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۾ رھن ٿا

سياحت جون جايون[سنواريو]

ھن شھر ۾ بيدي محل، سانگني فورٽ ۽ فاروالا فورٽ گھمڻ جون جايون آھن.

تعليم[سنواريو]

ھن شھر ۾ ڪافي تعليمي ادارا آهن جن ۾ پنجاب ڪاليج ڪلر سيدان، سپر ونگس ڪاليج، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج (ڇوڪرن لاءِ)، شاھين پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج (عورتن لاء)، گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول ڪلر سيدان، الائيڊ اسڪول، فوجي فائونڊيشن ماڊل اسڪول شامل آهن.

اھم شخصيتون[سنواريو]

ھتان جي اھم شخصيتن ۾ سابق چيف آف آرمي اسٽاف، جنرل ٽڪا خان (1972–1976)، جنرل عبدالعزيز مرزا، چيف آف نيول اسٽاف ۽ سفير ۽ سپريم ڪورٽ جو سابق جج رٽائرڊ جسٽس سردار طارق مسعود شامل آهن.

حوالا[سنواريو]