مواد ڏانھن هلو

ڪچنار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪچنار (عربي: ولب، چنار، هندي/اردو وغيره: ڪچنار، ڪويدا ۽ ريلطاس) سوانجهڙي جيڏو وڏو وڻ ٿئي ٿو.

طب[سنواريو]

خاصيت: هن جا پن ڪاڙهي پياربا تہ صفراوي دستن کي بند ڪندا. معدي جي ڪيڙن کي مارڻ، آنڊن جي ڦٽ، گهاٽي رت کي صفا ڪرڻ، مثاني، پرميل، خارش، کل جي ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ مفيد آهي. هن جا گل سڪائي ڦڪي ڪري استعمال ڪرائڻ سان سلهہ، واتان رت جي اچڻ ۽ بواسير کي فائدو ٿيندو. هن جون گرڙيون وات جي جوش، پچڻ ۽ ڦلڻن لاءِ مجرب آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.